پاڪستان ڪرڪيٽ جي نالي واري ليگ اسپنر ياسرشاهه برسبين هيٽ جي نمائندگي ڪندي پهرين ميچ ۾ ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون

yasir shah

پاڪستان ڪرڪيٽ جي نالي واري ليگ اسپنر ياسرشاهه برسبين هيٽ جي نمائندگي ڪندي پهرين ميچ ۾ ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.

نالي واري ليگ اسپنر ياسرشاهه کي برسبين هيٽ جي ٽيم شاداب خان جي جاءِ تي ٽيم ۾ شامل ڪيو.

شاداب خان قومي ٽيم جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ نيوزيلينڊ ۾ ٽيم کي جوائن ڪيو آهي ۽ ٽيم سان گڏ پريڪٽس سيشنز ۾ مصروف آهي.

ياسرشاهه جي ٽيم برسبين هيٽ کي ميچ ۾ ايڊيليڊ اسٽرائيڪرس جي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد 56رنز تان شڪست ڏني.

ياسرشاهه چار اوورس ۾ 18رنز عيوض ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته بيٽنگ ۾ 6رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*