فيض گنج ۾ آبادگارن پاران ڪمند جو مقرر اگهه نه ملڻ ۽ شگرملون بند ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

faiz ganj ahtjaj

فيض گنج ۾ آبادگارن پاران ڪمند جو مقرر اگهه نه ملڻ ۽ شگرملون بند ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

صوفي غلام مصطفي شر، يامين چانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو،جنهن جي نتيجي ۾ سوين گاڏين بيهجي ويون.

احتجاج ڪندڙ آبادگارن چيو ته شگرمل مالڪ عدالتي حڪم تي عمل نه ڪري رهيا آهن ۽ الٽو شگرملون بند ڪري ڇڏيون آهن.

هنن چيو ته جيستائين ڪمند جو مقرر اگهه نه ڏنو ويندو، تيستائين احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*