ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين سبب ٻارن تان موت نئين سال ۾ به ٽارو نه ڪيو، وڌيڪ ٻه ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن

mithi-map

ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين سبب ٻارن تان موت نئين سال ۾ به ٽارو نه ڪيو، وڌيڪ ٻه ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن.

مناسب خوراڪ نه ملڻ ۽ مختلف بيمارين وگهي  ڳوٺ وڪڙيو جي رهواسي ايوب جنجهي جو پنج ڏينهن جو پٽ ۽ اسلام ڪوٽ جي رهواسي عطاالله جو6  ڏينهن جوپٽ مٺي سول اسپتال ۾فوت ٿي ويا آهن.

 جنهن سان ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي ٻارن جي فوت ٿيڻ جو سلسلونئين سال ۾ به جاري آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل سال دوران ضلعي جي مختلف اسپتالن ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين سبب 453 ٻار فوت ٿي ويا هئا..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*