پ پ اڳواڻ چوڌري اعتزاز احسن چيو آهي ته نواز شريف شهباز شريف جي ڊپ کان سعودي عرب ويو آهي

aitzaz-hassan-politician-Islamabad-24816

پ پ اڳواڻ چوڌري اعتزاز احسن چيو آهي ته نواز شريف شهباز شريف جي ڊپ کان سعودي عرب ويو آهي، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته شريف ڀائرن وچ ۾ ڇڪتاڻ هلي رهي آهي ته ڪنهن کي ڇا ٿيڻو آهي.

سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ جو چوڻ هو ته نواز شريف کي سعودي عرب وارن  نه گهرايو آهي، سعودي عرب وارا گهرائيندا آهن ته جهاز روانو ڪندا آهن، جڏهن ته نواز شريف ڪمرشل فلائيٽ ذريعي اوڏانهن ويو آهي.

هن چيو ته ادارن کي تاثر ڏنو ويو ته شهباز شريف سعودي وارن جو منظور نظر آهي، هن اتان فون ڪيو ته هو اتي اعليٰ شخصيتن سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته طاهرالقادري سان اتحاد نه ڪيو ويو آهي پر شهيدن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ملاقاتون ڪيون ويون آهن………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*