ٺل ۾ درگاهه يارمحمد شاهه جي قبرستان واري زمين تي قبضي خلاف فقير ٻارن سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيو

thul ahtjaj

ٺل ۾ درگاهه يارمحمد شاهه جي قبرستان واري زمين تي قبضي خلاف فقير ٻارن سان گڏجي  احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 ظهور ڪنراڻي پنهنجي ٻارن سان گڏجي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 احتجاج ڪندڙ فقير الزام هنيو ته بااثر ماڻهو روينيو جي عملدارن ملي ڀڳت ڪري قبرستان جي 2 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو آهي.

هن چيو ته چونڊيل نمائندن ۽ سرڪاري عملدارن کي درخواستون ڏنيون آهن پر ڪو به ماڻهو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي.

هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته درگاهه جي قبرستان واري زمين تان قبضو ختم ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*