ھالا ويجهو پوليس سِرن جي بٺي تي ڪارروائي ڪري پورهيت ڪٽنب جي ٻارن ۽ عورتن سميت 29 ڄڻن کي بازياب ڪرائي کين عدالت ۾ پيس ڪري ڇڏيو

hala hari bazyab

ھالا ويجهو پوليس سِرن جي بٺي تي ڪارروائي ڪري پورهيت ڪٽنب جي ٻارن ۽ عورتن سميت 29 ڄڻن کي بازياب ڪرائي کين عدالت ۾ پيس ڪري ڇڏيو، عدالت کين مرضي سان زندگي گهارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

ايڊيشنل سيشن جج مٽياري جي عدالت جي حڪم تي اڏيرو لال ۾ نالي مول چند اوڏ پاران درخواست داخل ڪرائي ت ڳوٺ نوبت مري اڏيرولال تي سرن جي بٺي جي مالڪن ،يعقوب پٺاڻ ۽ بولان پٽاڻ پاران هن جي 29 عزيزن کي زوري زبردستي يرغمال بنائي جنهن ۾ مردن ،عورتن ،۽ ٻارڙن کان زبردستي سرن جي بٺي تي ڪم ڪرائي رهيا آهن ، جنهن بعد ايڊيشنل سيشن ڪورٽ جي حڪم ب رات دير سان اڏيرو اسٽيشن پوليس ڪنڊي پيروٽ لڳ نوبت مري ۾ قائم سرن جي بٺي تي رات جو دير سان ڇاپو هڻي اتان 29ماڻهو جنهن ۾ اشوڪ ،لال چند ،مسمات وزيران ، ، جنت ،روبينا ،نجما نظيران ۽ اٺ ٻرڙن کي ڇاپي ۾ بازياب ڪرائي ورتو ، جڏهنت بٺي مالڪ ،يعقوب پٺاڻ ۽ سندس ڀاء بولان پٺاڻ فرار ٿي ويا اڏيرو اسٽيشن پوليس هٿ آيل 29ڄڻن کي ٿاڻي تي کڻي آئي آهي جنهن کي پوليس موجب صبح جو ايڊيشنل سيشن ڪورٽ مٽياري ۾ پيش ڪيو ويندو ، جڏهن سرن جي بٺن تي ڇاپا جاري آهن بٺن مالڪن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي وديڪ جانچ هلندڙ آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*