ڪراچي ۾ رينجرز مددگار هيلپ لائين تي ڪال تي هڪ شهري کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو

Karachi-Rangers-112018

ڪراچي ۾  رينجرز مددگار هيلپ لائين تي ڪال تي هڪ شهري کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو.

رينجرز ترجمان موجب رينجرز هيلپ لائين تي ڪال ذريعي شهري اختر  جي اغوا جو اطلاع ڏنو ويو، جنهن کانپوءِ رينجرز فوري طور تي گڏاپ جي زڪريا ڳوٺ ۾ڪارروائي ڪري اغوا جي ڪوشش ناڪام بڻائي ۽ هڪ جوابدار لياقت کي گرفتار ڪري ورتو.

رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته رينجرز هميشه عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*