سنڌ سرڪار صوبي ۾ استادن کان هر 5 سالن کانپوءِ ٽيسٽ وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو

Cm-Sindh-Murad-Ali-Shah-112018

سنڌ سرڪار صوبي ۾ استادن کان هر 5 سالن کانپوءِ ٽيسٽ وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ استادن کي فائدا ۽ خراب ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ استادن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويندو.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبي ۾ تعليمي سڌارن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تعليم وارو وزير، سيڪريٽري، قانون واري سيڪريٽري ۽ ٻيا عملدار شريڪ ٿيا.

اجلاس ۾ ٽيچرس ريفارمز بل ۽  استادن جي مقرري ٿرڊ پارٽي کان ڪرائڻ تي غور ويچار ڪيو ويو.

اجلاس دوران  وڏي وزير چيو ته هر 5 سالن کانپو سمورن  استادن کان ٽيسٽ ورتي ويندي ۽ ايندڙ 4 سالن ۾ هڪ بهترين ٽيچرس ٽريننگ اڪيڊمي قائم ڪئي ويندي جتي استادن کي تربيت لاءِ وڃڻو پوندو.

مراد علي شاهه چيو ته جيڪي استاد ٽيسٽ ۾ ڪامياب ٿيندا ۽ ٽيچنگ جو سٺو رڪارڊ رکندڙ هوندا کين فائدا ڏنا ويندا، جڏهن ته خراب ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ استادن کي نوڪرين مان فارغ ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*