سعودي عرب ۾ ڪرپشن خلاف مهم هلي رهي آهي ۽ شريف ڀائرن جي اتي موجودگي بابت ڪيتريون ئي افواهون آهن, اڳوڻي صدر آصف علي زرداري

Asif-Zardari-112018

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته سعودي عرب ۾ ڪرپشن خلاف مهم هلي رهي آهي ۽ شريف ڀائرن جي اتي موجودگي بابت ڪيتريون ئي افواهون آهن.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف علي زرداري چيو ته سعودي شهزادي ڪرپشن جي الزام هيٺ ڪيترن ئي ماڻهن کي پڪڙيو آهي ۽ اتي ڪرپشن خلاف مهم به هلي رهي آهي، ٿي سگهي ٿو شريف ڀائرن جا سعودي عرب ۾ ڪي مسئلا هجن.

هن چيو ته شريف ڀائرن جي سعودي عرب ۾ موجودگي بابت مختلف قسمن جون ڳالهيون هلي رهيون آهن، اتي اين آر او به ٿي  رهيو آهي ۽  هو ڪفيل کي بچائڻ ويا آهن.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان عوامي تحريڪ جي احتجاج ۾ شرڪت بابت پارٽي جيڪو فيصلو  ڪندي ان تي عمل ڪيو ويندو، ڊاڪٽر طاهر القادري جي شڪل ۾ نوابزادا نصر الله جي ڪمي پوري ٿي وئي آهي.

پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري آمر پرويز مشرف کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته پرويز مشرف ۾ دم آهي ته هو پرڏيهه ۾ نچڻ بدران پاڪستان واپس اچي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*