مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه ٽرمپ جي بيان تي پارليامينٽ اجلاس طلب ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

khursheed shah

مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه  ٽرمپ جي بيان تي پارليامينٽ اجلاس طلب ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

 آمريڪي صدر جي بيان تي رد عمل ڏيندي هن چيو ته افغان جنگ ۽ نائن اليون کان پوءِ اسان کي آمريڪي مفادن جي جنگ ۾ گِهِليو ويو، آمريڪا پنهنجي مفاد جي جنگ اسان تي مڙهي، جنهن ۾ اسان کي 130 ارب ڊالرز جو نقصان ٿيو.

  هن چيو ته آمريڪا هِن نقصان جي بدلي اسان کي لالي پاپ ۽ کاڄا ڏئي وندرايو.

پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ٽرمپ جو بيان حقيقتن جي ابتڙ ۽ نا پختا سياسي سوچ جو مظهر آهي،  ٽرمپ پنهنجي بيانن ۽ قدمن سان دنيا جي امن کي خطري ۾ وجهي رهيو آهي.

 هن وڌيڪ چيو ته حڪومت اسان جي بار بار چوڻ جي باوجود پرڏيهي وزير مقرر نه ڪيو، پرڏيهي وزير نه هجڻ جي نتيجي ۾ اسان پرڏيهي محاذ تي اڪيلائي جو شڪار ٿي ويا آهيون……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*