اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي اليڪشن خلاف درخواستن جي ٻڌڻي 8 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

election

اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي اليڪشن خلاف درخواستن جي ٻڌڻي 8 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا حيات جي سربراهي ۾ چار رڪني بئنچ پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي ميمبر ارشاد قيصر چيو ته پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن جو رڪارڊ گهريو هو.

وڪيل يوسف علي چيو ته دليلن کانپوءِ تفصيل نه گهريا ويندا آهن.

چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا حيات چيو ته ڪيترن ئي ڪيسن ۾ دليلن کانپوءِ رڪارڊ گهريو ويو.

تحريڪ انصاف جي وڪيل چيو ته عدالت جو اختيار آهي ته فيصلي کان اڳ ڪو به تفصيل گهري سگهي ٿي.

اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 8 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*