وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ڪراچي ۾ زمينن تان ختم ڪرايل قبضن جو رڪارڊ طلب ڪندي

cm

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ڪراچي ۾ زمينن تان ختم ڪرايل قبضن جو رڪارڊ طلب ڪندي رڪارڊ کي محفوظ بڻائڻ ۽ تجويزون ڏيڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، مراد علي شاهه عملدارن کي چيو آهي ته زمين خالي ڪرائي ڏيو ۽ ان تي پلي گرائونڊز ۽ پارڪس قائم ڪرڻ لاءِ مون کان پيسا وٺو، انتظاميا لينڊ مافيا آڏو ايتري بيوس آهي، کيس افسوس پيو ٿي، پر هو بيوس ناهي، قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پاڻ ٻاهر نڪرندو.

وڏي وزير جي صدرات هيٺ سالڊ ويسٽ مئنجمينٽ اٿارٽي بابت اجلاس ٿيو.

صوبائي وزير ڄام خان شورو، وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته ڪورنگي ۾ ڪي ڊي اي پاران ڪورنگي جي سيڪٽر 52 ۾ سالڊ ويسٽ مئنجيمينٽ کي الاٽ ڪيل زمين تي پاڪ آرمي مالڪي ظاهر ڪري پئي جنهن ڪري مسئلا پيش اچي رهيا آهن، جنهن تي مراد علي شاهه،  چيف سيڪريٽري کي رڪارڊ چيڪ ڪري زمين تي مالڪي واضح ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

وڏي وزير چيف سيڪرٽري کي چيو ته اهو به ٻڌايو ته ڇا ڪي ڊي کي ڪنهن کي زمين الاٽ ڪري سگهي ٿي.

وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته ميواه شاهه ۽ دوٻي گهاٽ تي به زمين تي قبضو آهي، جڏهن ته سهراب ڳوٺ ۾ گند منتقل ڪرڻ لاءِ مليل زمين تي غيرقانوني قبضو ٿي رهيو آهي، جنهن تي مراد علي شاهه چيو ته انتظاميا، لينڊ مافيا آڏو ايتري ته بيوس اهي جو کيس ان تي افسوس ٿئي ٿو، پر هو بيوس نه آهي، هو پاڻ نڪرندو ۽ قبضا ڇڏرائيندو.

وڏي وزير ڪي ڊي کان زمينن تان ختم ڪرايل قبضن جي رڪارڊ تي رپورٽ طلب ڪندي چيو ته هو چاهي ٿو ته زمين سٺن ڪمن لاءِ استعمال ٿي، جيڪي زمين خالي ڪرايو ان تي اسڪواش گرائونڊ، ٽينس ڪورٽس، پارڪس ٺهرايو ۽ ان لاءِ مون کان پيسا وٺو، زمين ڪراچي جي عوام جي آهي ان کي لٽن جي اجازت نه ڏيندس.

مراد علي شاهه، ڪمشنر ڪراچي، ايڊيشنل آءِ جي، ميمبر ايل يو ۽  ڊي جي ڪي ڊي اي تي ٻڌيل ڪميٽي جوڙيندي ڪميٽي کي زمينن جو رڪارڊ ترتيب ڏئي محفوظ ڪرڻ ۽ تجويزون ڏيڻ جي هدايت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*