گمبٽ ۾ ڌرڻو هڻي ويٺل آبادگارن پاران گذريل سال جي رهتن ۽ ڪٽوتين جي ادائگين تي اتفاق نه ٿيڻ تي ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويوآهي

Gambat-27716

گمبٽ ۾ ڌرڻو هڻي ويٺل آبادگارن پاران گذريل سال جي رهتن ۽ ڪٽوتين جي ادائگين تي اتفاق نه ٿيڻ تي ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويوآهي.

 قومي شاهراهه تي مطالبن جي مڃتا لاءِ آبادگارن جو ڌرڻو چوٿين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو آهي.

 ڳالهين جَي ٻه ڀيرا بي نتِيجَي ثابت ٿيڻ بعد ضلعي انتظاميا پاران خيرپور ۽ راڻيپور شگر ملز جي ذميوارن کي به ڳالهين ۾ شامل ڪيو ويو.

 ايس ڊيم آفس گمبٽ ۾  آبادگارن، ڊپٽي ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنر، ايس ايس پي خيرپور ۽ شگرملز انتظاميا وچ ۾ ڳالهين جي نتيجي ۾ اڄ کان وٺي شگر ملون هلائڻ، هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب اگهه ڏيڻ ۽ مڊل مين جو ڪردار ختم ڪرڻ سميت 15 ڏينهن ۾ سڌو سنئون آبادگارن کي ادائگين تي اتفاق ڪيو ويو.

 آبادگارن جي گذريل سال جَي رهتن جِي فوري ادائگي ۽ هن سال وڪرو ڪيل ڪمند ۾ مڊل مين   ۽ ڪٽوتين  جي مد واري رقم جِي واپسي جَي مطالبي تي اتفاق نه ٿيڻ تي آبادگارن جَي وفد واپس ڌرڻي واري هنڌ پهچي احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو.

 آبادگارن جو چوڻ هو ته مڊل مين ۽ ڪٽوتين جي صورت ۾  ڦرلٽ ٿيل رقم جي واپس ٿيڻ تائين ڌرڻو  جاري رهندو.

 رات کان وٺي ڌرڻي واري هنڌ وڏي انگ ۾ پوليس نفري موجود آهي، جڏهن ته آبادگارن پاران صبح کان وٺي پاڪ ڪتاب جو وِرد شروع ڪيو ويو آهي.

 آبادگارن جي ڌرڻي سبب چوٿين ڏينهن کان قومي شاهراهه بند هئڻ سبب ڀرپاسي جي لنڪ روڊن تي رش وڌي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ مسافر توڙي مال بردار گاڏين جون قطارون لڳي ويون آهن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*