سجاول جوڻيجو ڀرسان عرضي ڀٽو شهر اندر وڌندڙ گندگي ۽ رستن تي بيٺل نالين جَي گندَي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف شهرين پاران ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

 sajawal gandagi khilaaf pro

  سجاول جوڻيجو ڀرسان عرضي ڀٽو شهر اندر وڌندڙ گندگي ۽ رستن تي بيٺل نالين جَي گندَي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف شهرين پاران ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 ان موقعي تي ڪائونسلر رميز الرحمنٰ ڀٽو، وڪيل ذوالفقار لانگاهه، باغي بشير ڀٽو، آصف ڀٽو ۽ ٻين چيو ته شهر جي اندر صفائي نه ٿيڻ ڪري گندگي وڌي وئي آهي، گهٽين سميت مين روڊ تي گندي پاڻي تلاءَ ٺاهي ڇڏيا آهن.

 هنن چيو ته چيئرمن يوسي عرضي ڀٽو ۽ سيڪريٽري هر مهيني ملندڙ فنڊز صفائي سٿرائي تي خرچ ڪرڻ بجاءِ ڪوڙن بلن ذريعي رقم ڪڍرائي هڙپ ڪري ڇڏين ٿا، جنهنڪري شهر گندگي جو ڍير ٿي ويو آهي، اچ وڃ ۾ وڏين تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.

 هنن ضلعي انتظاميا قمبر شهدادڪوٽ ۽ وزيراعليٰ سنڌ کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي اسان شهرين جو مسئلو حل ڪرائي پريشاني دور ڪئي وڃي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*