ڪراچي ۾ ايس آءِ يو پاران گرفتار ڪيل لياري گينگ وار جي ٽارگيٽ ڪلر نجيب عرف باوا جاچ دوران دل ڏاريندڙ انڪشاف ڪيا آهن

Karachi-Cracker-Blast-10117

ڪراچي ۾ ايس آءِ يو پاران گرفتار ڪيل لياري گينگ وار جي ٽارگيٽ ڪلر نجيب عرف باوا جاچ دوران دل ڏاريندڙ انڪشاف ڪيا آهن، جوابدار جاچ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته شناختي ڪارڊ ڏسي اردو ڳالهائيندڙ ماڻهن کي عزير بلوچ وٽ وٺي قتل ڪندو هو، جڏهن ته مغوين لاءِ امن ڪميٽي جي آفيس ۾ ٽارچر سيل به قائم ڪري رکيو هو.

ايس ايس پي ايس آءِ يو طارق ڌاريجو ميڊيا کي ٻڌايو ويو ته لياري گينگ وار جي گهربل جوابدار ٽارگيٽ ڪلر نجيب باوا کي گرفتار ڪيو ويو.

هن چيو ته جوبدار نجيب عرف باوا جاسم گولڊن گروپ سان تعلق رکي ٿو، جڏهن ته جوابدار قتل، اغوا، ڌاڙن ۽ ڀتيخوري جي ڏوهن ۾ گهربل هو.

ايس آءِ يو جاچ آفيسرن ٻڌايو ته نجيب عرف باوا جاچ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته شناختي ڪارڊ ڏسي اردو ڳالهائيندڙ ماڻهن کي عزير بلوچ وٽ وٺي قتل ڪندو هو، جڏهن ته مغوين لاءِ امن ڪميٽي جي آفيس ۾ ٽارچر سيل به قائم ڪري رکيو هو.

جوابدار انڪشاف ڪيو ته 2011 ۾ 7 ماڻهن کي ڪوچ مان لاهي قتل ڪرڻ بعد سندن لاش لياري ندي ۾ اڇلايا ۽ مغوين کي امن ڪميٽي جي آفيس ۾ ٽارچر سيل ۾ به رکيو هو.

نجيب وڌيڪ انڪشاف ڪيو ته 2012 ۾ بابا لاڊلا، تاج ۾همد تاجو ۽ ملا نٿار سان گڏجي ڪڇي آبادي تي حملو ڪيو جنهن ۾ فيصل پٺاڻ، م شيراز ڪامريڊ، شڪيل بادشاهه ۽ عزير بلوڇ جا ماڻهو به شامل هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*