ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ پيشي تي آيل جوابدار جي قبضي مان چرس هٿ ڪيو ويو

city court

ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ پيشي تي آيل جوابدار جي قبضي مان چرس هٿ ڪيو ويو، جنهن خلاف پوليس وڌيڪ هڪ ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

سٽي ڪورٽ ۾ غيرقانوني هٿيار رکڻ واري ڪيس ۾ جوابدار اسامه کي آندو ويو، جتي پوليس چيڪنگ دوران سندس کيسي مان چرس هٿ ڪيو.

ايڇ ايس او سٽي ڪورٽ ٿاڻو چيو ته جوابدار اسامه کي غيرقانوني هٿيارن واري ڪيس ۾ عدالت آندو ويو هو، جنهن خلاف هاڻ چرس هٿ اچڻ  جو به ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*