ايڌي فائونڊيشن پاران ڪراچي بابت سال 2017 جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي

edhi 2017 report

ايڌي فائونڊيشن پاران ڪراچي بابت سال 2017 جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل سال ايڌي سردخاني 1650 ميتن جي تدفين ڪئي، فائرنگ جي واقعن ۾ 625 مارجي ۽ 1072 زخمي ٿيا، جڏهن ته 123 مرد ۽ عورتن آپگهات ڪيو.

ايڌي فائونڊيشن پاران ڪراچي بابت سال 2017 جي ڪارڪردگي رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڪراچي سڄي سال ۾ ايڌي سردخاني ۾ 2523 لاوارث لاش آندا ويا، جن مان 864 لاشن جي سڃاڻپ ٿيڻ تي وارثن حوالي ڪيا ويا  جڏهن ته 1659 ميتن کي غسل ۽ ڪفن ڏئي ايڌي قبرستان ۾ دفنايو ويو.

رپورٽ موجب گذريل سال ڪراچي ۽ ڀرپاسي ۾ ٽريفڪ حادثن ۾ 850 ماڻهو فوت ۽ 3591 زخمي ٿيا، جڏهن ته فائرنگ جي واقعن ۾ 625 مارجي ۽ 1072 زخمي ٿيا.

ايڌي فائونڊيشن موجب گذريل سال 123 مرد ۽ عورتن آپگهات ڪيو، جنهن ۾ 27 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته سمنڊ، ندين ۽ نالن ۾ 156 ماڻهو ٻڏي فوت ٿيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*