صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته هلندڙ سال آسان ۽ ڳرو ٻئي گڏ هوندا، جنهن ۾ اهم فيصلا ٿيڻا آهن

manzoor wasan

صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته هلندڙ سال آسان ۽ ڳرو ٻئي گڏ هوندا، جنهن ۾ اهم فيصلا ٿيڻا آهن، جيڪڏهن 10 فيبروري تائين ڪجهه نه ٿيو ته ملڪ ۾ چونڊون ٿي وينديون، ن ليگ وٽ وزيراعظم لاءِ مريم ۽ شهباز شريف آهن، پر ن ليگ جا ماڻهو شهباز شريف کي چاهين ٿا.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته هلندڙ سال آسان ۽ ڳرو ٻئي گڏ هوندا، ٽرمپ جي بيان کانپوءِ پاڪستان جي سمورين پارٽين کي هم خيال ٿيڻو پوندو.

هن چيو ته هلندڙ سال اهم فيصلا ٿيڻا آهن، جيڪڏهن 10 فيبروري تائين ڪجهه نه ٿيو ته ملڪ ۾ چونڊون ٿي وينديون.

صوبائي وزير چيو ته ن ليگ وٽ وزيراعظم لاءِ مريم ۽ شهباز شريف آهن، پر ن ليگ جا ماڻهو شهباز شريف کي چاهين ٿا.

منظور وساڻ چيو ته وفاق ۾ ٽن پارٽين وچ ۾ مقابلو آهي، جيڪڏهن ن ليگ کٽي ٿي پوءِ به فيصلو نواز شريف ئي ڪندو.

هن چيو ته ٻه پارٽيون ئي وفاق ۾ حڪومت ٺاهينديون، پ پ، طاهرالقادري سان چونڊ اتحاد ناهي ڪيو.

منظور وساڻ چيو ته خوابن ۾ ڪا به ڄاڻ ناهي هوندي، ڪمند جو مسئلو هلندڙ سال ئي حل ٿي ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*