گورنر سنڌ محمد زبير چيو آهي ته ڪراچي هڪ ڀيرو ٻيهر روشنين جو شهر بڻجي ويو آهي، جتي رات تائين ڪاروبار ۽ زندگي روان دوان آهي

muhammad zubair

گورنر سنڌ محمد زبير چيو آهي ته ڪراچي هڪ ڀيرو ٻيهر روشنين جو شهر بڻجي ويو آهي، جتي رات تائين ڪاروبار ۽ زندگي روان دوان آهي، ڪراچي پيڪيج ان کي وڌيڪ هٿي وٺرائيندو.

گورنر سنڌ محمد زبير سان آل سٽي تاجر اتحاد جي وفد صدر حمان پونا والا جي اڳواڻي ۾ ملاقات ڪئي.

ملاقات ۾ امن امان، ڪراچي ۾ واپاري سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ بابت قدمن، بنيادي ڍانچي جي بحالي، پاڻي فراهمي ۽ نيڪالي سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي گورنر چيو ته 2013 ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏکيائين کي منهن واپاري برادري ڏنو، پر ان باوجود انهن پنهنجي سرگرمين کي جاري رکيو، جنهن تي عوام کين قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو.

هن چيو ته ڪراچي هڪ ڀيرو ٻيهر روشنين جو شهر بڻجي ويو آهي، جتي رات تائين ڪاروبار ۽ زندگي روان دوان آهي.

محمد زبير چيو ته ڪاروباري ماڻهن جي مسئلن ۽ ڏکيائين جي خاتمي تي وفاق هر ممڪن سهڪار فراهم ڪري رهيو آهي، جنهنڪري ڪراچي پيڪيج ۾ ڪاروباري علائقن ۾ پاڻي فراهمي ۽ نيڪالي ۽ بنيادي ڍانچي جي بحالي تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*