سانگهڙ ويجهو ڊاٽسن جو ٽڪرلڳڻ جي نتيجي ۾عورت فوت ٿي وئي، وارثن لاش ٿاڻي آڏو رکي ڌرڻو هنيو

shangar

سانگهڙ ويجهو ڊاٽسن جو ٽڪرلڳڻ جي نتيجي ۾عورت فوت ٿي وئي، وارثن لاش ٿاڻي آڏو رکي ڌرڻو هنيو، احتجاج دوران شهر بند ٿي ويو، احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته ڊرائيور ڄاڻي  واڻي ٽڪر هڻي سندن عورت کي ماريو آهي، کيس گرفتار ڪيووڃي.

پيرومل ۾ عورت گلي ميگهواڙ ڊاٽسن جو ٽڪر لڳڻ سبب ٿڏي تي فوت ٿي وئي، ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو.

عورت جي وارثن لاش کڻائي پيرومل ٿاڻي آڏو رکي ڌرڻو هنيو ۽ ٽائرن کي باهيون ڏئي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي، ان دوران شهرين ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڊاٽسن ڊرائيور ڄاڻي واڻي سندن عورت کي ٽڪر هڻي ماريو آهي.

هنن مظالبو ڪيو ته ڊرائيور کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*