آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪستان مخالف بيان تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس اڄ ئي طلب ڪري ورتو آهي

pm

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪستان مخالف بيان تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس اڄ ئي طلب ڪري ورتو آهي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪستان مخالف بيان بعد وزيراعظم قومي سلامتي ڪميٽيءَ جو سڀاڻي رٿيل اجلاس اڄ ئي طلب ڪيو آهي.

وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ شام طلب ڪيو ويو  هو، جنهن کي اڄ ملتوي ڪري سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته قومي سلامتي ڪميٽيءَ جو اجلاس اڄ ئي طلب ڪيو ويو آهي.

اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير اعزاز چوڌري کي هنگامي طور گهرايو ويو آهي جيڪو ڏيهه پهچي چڪو آهي.

قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ ٽنهي سروسز چيفس سميت اهم وزير ۽ سيڪريٽري شرڪت ڪندا.

ٻئي طرف وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ سڀاڻي ٿيندو، جنهن ۾ ملڪي اقتصادي معاشي صورتحال سميت سڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*