مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ تي قوم نواز شريف جي ٿورائتي آهي

mariyam oranzaib

مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ تي قوم نواز شريف جي ٿورائتي آهي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پارليامينٽ ۽ پي ٽي وي تي حملو ڪندڙ اڄ عدالت آيو، عمران خان جهڙو ڀاڄوڪڙ ۽ ادارن کي گاريون ڏيندڙ به ڪٽهڙي ۾ بيٺو.

هن چيو ته عمران خان کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ تي قوم نواز شريف جي ٿورائتي آهي، مسلم ليگ ن جي صدر عدالت پيش ٿي قانون جي پاسداري ڪئي.

سندس چوڻ هو ته  عمران خان پنهنجي صوبي ۾ احتساب ڪميشن کي تالا لڳائي رکيا آهن، تحريڪ انصاف جو چيئرمين پنهنجي حڪومت جي احتساب کان ڀڄي نٿو سگهي.

مريم اورنگزيب جو وڌيڪ چوڻ هو ته عمران خان جو احتساب 2018ع ۾ خيبرپختونخواهه جو عوام ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*