سکر ۾جي يو آءِ ڪارڪن پاران ڪمند جو اگهه مناسب نه ملڻ ۽ شگرملز مالڪن پاران آبادگارن سان ناروا سلوڪ ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو

  sukkur jui pro

              سکر ۾جي يو آءِ ڪارڪن پاران ڪمند جو اگهه مناسب نه ملڻ ۽ شگرملز مالڪن پاران آبادگارن سان ناروا سلوڪ ڪرڻ  خلاف احتجاج ڪيو ويو.

           گهنٽه گهر چوڪ تي عبيدالله ڀٽو ۽ مولانا عبدالحق مهر سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

             ان موقعي تي آبادگارن جي حمايت ۾ ڪارڪن زوردار نعرا هڻي رهيا هئا.

           ميڙ کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ شگرملز مافيا آبادگارن جو استحصال ڪري رهي آهي، سنڌ حڪومت آبادگارن جو ساٿ ڏيڻ بجاءِ احتجاج ڪندڙن تي لٺيون وسائي رهي آهي.

            هنن چيو ته شگر ملز نه هلڻ جي سبب آبادگارن کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي.

                هنن واضح ڪيو ته جيڪڏهن حڪومت شگرملز هلرائي ڪمند جي پيڙائي شروع نه ڪرائي ته سڄي صوبي ۾ جي يو آءِ ڪارڪن آبادگارن سان گڏ احتجاج ۾ شامل هوندا……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*