سپريم ڪورٽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي سڌ سماءَ کاتي ۾ پوڻا 6 ارب رپيا ڪرپشن ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي

Sharjeel-Memon-27117

سپريم ڪورٽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي سڌ سماءَ کاتي ۾ پوڻا  6 ارب رپيا ڪرپشن ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

23 آڪٽوبر تي سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ضمانت رد ٿيڻ کانپوءِ  شرجل ميمڻ کي عدالت جي اڱڻ مان گرفتار ڪيو ويو.

شرجيل ميمڻ سپريم ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪئي، جنهن جي ٻڌڻي جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪئي.

عدالت شرجيل ميمڻ جي وڪيل ۽ فريادي ڌر جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته گرفتار ماڻهو ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري سگهن ٿا.

عدالت نيب کي هڪ هفتي ۾ جواب به داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ تي سڌ سماءَ واري کاتي ۾ پوڻا 6  ارب رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*