دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي پي ٽي وي تي حملي سميت 4 ڪيسن ۾ ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي آهي

imran khan

دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي پي ٽي وي تي حملي سميت 4 ڪيسن ۾ ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي آهي.

 اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ عمران خان خلاف 2014ع جي ڌرڻي دوران داخل 4 ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي.

 احتساب عدالت پاران سڏائڻ تي اڄ عمران خان پنجون ڀيرو پيش ٿيو ۽ وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ تي فاضل جج چيئرمين تحريڪ انصاف جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو.

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ تي حملي واري ڪيس سميت ايس ايس پي اسلام آباد عصمت الله جوڻيجو تي تشدد جو ڪيس به شامل آهي.

13 ڊسمبر تي ٿيندڙ گذريل ٻڌڻي ۾ چئني ڪيسن ۾ عمران خان جي عارضي ضمانت ۾ 2 جنوري تائين واڌ ڪئي وئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*