لاڙڪاڻي ۾ سماجي تنظيم پيغام قرآن جي اڳواڻن هٿن ۾ پلي ڪارڊ، بئنر ۽ لائوڊ اسپيڪر کڻي وياج خورن خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو

larkana-Map05-8

لاڙڪاڻي ۾ سماجي تنظيم پيغام قرآن جي اڳواڻن هٿن ۾ پلي ڪارڊ، بئنر ۽ لائوڊ اسپيڪر کڻي وياج خورن خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو.

 ان موقعي تي اڳواڻن محمد سليمان کوکر، جاويد احمد بليدي، اعجاز علي کوکر ۽ ٻين چيو ته پوري ملڪ ۾ وياج جو ڪاروبار سرعام هلي رهيو آهي نه رڳو عام ماڻهو پر وڏا سرمائيدار به وياج جو ڪاروبار ڪري رهيا آهن.

 هنن چيو ته بئنڪن جي قرضن، انعامي بانڊن سميت ٻئي طريقي سان وياج جو ڪاروبار عام جام ٿي ويو آهي، جنهن جي خاتمي لاءِ حڪومت ڪي به جوڳا قدم نه کنيا آهن، جنهن سان سماج ۾ برائيون ڦهلجي رهيون آهن.

 هنن مطالبو ڪيو ته وياج جي ڪاروبار ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ته جيئن عام ماڻهو سُک جو ساهه کڻي سگهن………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*