وفاقي وزير دانيال عزيز چيو آهي ته عدالتون عمران خان سان خاص سلوڪ ڪري رهيون آهن،دهشتگردي جي خاتمي جي شق تحت پاڪستان ۾ ڪنهن کي به ضمانت نه ملي آهي

daniyal aziz

وفاقي وزير دانيال عزيز چيو آهي ته عدالتون عمران خان سان خاص سلوڪ ڪري رهيون آهن،دهشتگردي جي خاتمي جي شق تحت پاڪستان ۾ ڪنهن کي به ضمانت نه ملي آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي دانيال عزيز چيو ته عمران خان چوي ٿو ته سياسي ڪيس آهي تنهن ڪري پيش نه ٿي رهيو آهيان، عمران خان انوکو لاڏلو آهي.

هن چيو ته ملڪ ۾ سڀ ڪجهه مسلم ليگ ن خلاف ٿي رهيو آهي، دهشتگرديءَ جي خاتمي واري شق تحت ڪنهن کي ضمانت نه ملندي آهي، صرف عمران خان کي ملي آهي.

سندس چوڻ هو ته عمران خان سان خاص سلوڪ ڪيو پيو وڃي، اسان سندس ڪيس کي ڏسي رهيا آهن.

دانيال عزيز چيو ته عمران خان جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ٿي چڪو، ڪئنيڊا مان پهتل شخص به اشتهاري آهي، جيڪو قانون جي پاسداري جي دعويٰ ڪري رهيو آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*