سيٺارجا ٽائون ڪميٽي جي ڪچن ملازمن 7 سال گذرڻ باوجود پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

setharja

سيٺارجا ٽائون ڪميٽي جي ڪچن ملازمن 7 سال گذرڻ باوجود پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ملازمن آصف علي، اطهر حسين، بشير حسن نصير احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن دانهيندي چيو ته 2010 ۾ کين سوئيپر طور ڀرتي ڪيو ويو هو، 7 سال گذرڻ باوجود پڪو نه ڪيو ويو آهي.

هنن چيو ته هو شهر جو گند ڪچرو صاف ڪندڙ 25 ملازم 9هزار پگهار تي ڊيوٽي ڪري رهيا آهن.

هنن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جي ليبر قانون موجب 14 هزار کان مٿي پگهار ڄاڻائي وئي آهي ، پر ان تي به ڪو عمل نه ٿي رهيو آهي،

هنن مطالبو ڪيو ته صفائي عملي جي ڪچن ملازمن کي پڪو ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*