نيب ڪراچي ڪرپشن الزام هيٺ سنڌ جي انفارميشن کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر يوسف ڪابورو سميت ٻن جوبدارن کي اسلام آباد مان گرفتار ڪري ورتو آهي

nab arrest

نيب ڪراچي ڪرپشن الزام هيٺ سنڌ جي انفارميشن کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر يوسف ڪابورو سميت ٻن جوبدارن کي  اسلام آباد مان گرفتار ڪري ورتو آهي، جوابدارن تي 3 ارب 20 ڪروڙ رپيا ڪرپشن الزام آهي.

نيب، اسلام آباد ۾ ڪارروائي ڪري انفارميشن کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر يوسف ڪابورو ۽ اشتهار ڪمپني جي مالڪ انعام اڪبر کي 3 ارب 20 ڪروڙ ڪرپشن الزام هيٺ گرفتار ڪيو.

نيب ريفرنس 17 ڄڻن تي داخل آهي، جنهن ۾ ضمانتون رد ڪرڻ کانپوءِ 12 جوابدارن کي گذريل سال 23 آڪٽوبر تي گرفتار ڪيو ويو هو، جڏهن ته هڪ جوابدار انيتا بلوچ فرار ۽ جوابدار فواد فوت ٿي چڪو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*