گڏيل قومن ۾ مقرر آمريڪي نمائندي نڪي هيلي الزام مڙهيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ آمريڪي فوج تي حملو ڪندڙ دهشتگردن کي پناهه ڏئي رهيو آهي

Nikki-USA-312018

گڏيل قومن ۾ مقرر آمريڪي نمائندي نڪي هيلي الزام مڙهيو آهي ته پاڪستان  افغانستان ۾ آمريڪي فوج تي حملو ڪندڙ دهشتگردن کي پناهه ڏئي رهيو آهي، جنهن سبب پاڪستان جي 255 ملين ڊالر امداد روڪي پئي وڃي.

واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرس ڪندي آمريڪي نمائندي نڪي هيلي چيو آهي ته پاڪستان ۾افغانستان ۾ آمريڪي فوج تي حملو ڪندڙ دهشتگرن کي پناهه ڏئي رهيو آهي.

نڪي هيلي چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ سمورا فنڊ روڪڻ جو خواهشمند آهي ۽ آمريڪا پاڪستان کي 255 ملين ڊالر امداد روڪي رهيو آهي.

هن چيو ته هڪ طرف پاڪستان اسان سان گڏ ڪم ڪري رهيو آهي ته ٻئي پاسي وري دهشتگردن کي پناهه ڏئي رهيو آهي.

نڪي هيلي چيو ته امداد جي بندش جو فلسطين جي ٺهراءُ سان ڪو به واسطو نه آهي، دهشتگرن کي پناهه ڏيڻ سبب پاڪستان جي امداد روڪي رهيا آهيون…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*