وڏي وزير قائم علي شاه پاران پي ٽي آءِ ميمبرن جون استعفائون منظور نه ڪرڻ جو فيصلو

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني وچ ۾ ملاقات دوران پي ٽي آءِ ميمبرن جون استعفائون منظور نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ چيمبر ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ جون استعفائون منظور ڪرڻ ۾ تڪڙ نه ڪئي وڃي.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته جيستائين قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن جون استعفائون منظور نه ٿيون ڪيون وڃن تيستائين سنڌ اسيمبلي ۾ به سندن استعفائون منظور نه ٿيڻ گهرجن.

ذريعن موجب وڏي وزير هدايت ڪئي ته پي ٽي آءِ ميمبرن جون پگهارون جاري ڪري کين ايم پي اي کي حاصل سموريون مراعتون ڏنيون وڃن.

ياد رهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جا چار ميمبر آهن، جن جون استعفائون اسپيڪر جي ٽيبل تي پيل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*