پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيو آهي ته نيوزيلينڊ جي ٽيم خلاف سيريز هميشه سخت ثابت ٿي آهي

mickey aurthur

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيو آهي ته نيوزيلينڊ جي ٽيم خلاف سيريز هميشه سخت  ثابت ٿي آهي ۽کيس پنهنجي ٽيم جي سمورن بيٽسمينن تي اعتماد آهي ته هو سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪندا.

ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي هيڊڪوچ چيو ته پاڪستان جي ٽيم هن وقت بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪري رهي آهي ۽ موجوده دوري ۾ ٽيم نيوزيلينڊ جي ڪنڊيشنز ۾ ايڊجسٽ ٿي رهي آهي.

قومي ٽيم جي هيڊڪوچ مڪي آرٿر وڌيڪ چيو ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سخت مقابلو ٿيندو.

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 6 جنوري کان شروع ٿيندي،جنهن بعد 22تاريخ کان ٽي-ٽوئنٽي سيريز کيڏي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*