لاهور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڪوهيڙي سبب حادثن جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڪيترائي زخمي ٿي پيا

punjab-cool-weather

لاهور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڪوهيڙي سبب حادثن جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا فوت ٿي ويا،  ڪيترائي زخمي ٿي پيا

سکيکي ۾ موٽر وي تي ڪوهيڙي سبب 3 گاڏين وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا فوتين ۾ موٽر وي پوليس انسپيڪٽر به شامل آهي.

گجرات ۾ جي ٽي روڊ تي به ڪوهيڙي سبب 15 گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪراجي پيون حادثي ۾ 10 ڄڻا زخمي ٿيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

نارووال ۾ نيو لاهور روڊ تي ڪوهيڙي سبب 2 موٽر سائيڪلن ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر سبب 5 ڄڻا زخمي ٿيا.

لاهور جي علائقي شاهدره ٽائون ۾ ٽرين جي ضد ۾ اچي پيءُ ۽ ڌي فوت ٿي ويا  پوليس لاشن کي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو.

ميانوالي ۾ ڪاري باغ تي ٽريلر  ۽ موٽر سائيڪل جي ٽڪر ۾ 2 نوجوان فوت ٿي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو

 پاڪپتن ۾ منچن آباد  روڊ تي ٽرالر ۽ بس جي وچ ٽڪر سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 15 زخمي ٿيا…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*