گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير مليحه لوڌي چيو آهي ته آمريڪا پنهنجي غلطين ۽ ناڪامين جو الزام ٻين تي نه لڳائي

Maliha-Lodhi-191017

گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير مليحه لوڌي چيو آهي ته آمريڪا پنهنجي غلطين ۽ ناڪامين جو الزام ٻين تي نه لڳائي، آمريڪا قدر نه ڪندو ته پاڪستان سهڪار تي نظرثاني ڪري سگهي ٿو.

 ميڊيا موجب مليحه لوڌي چيو ته اسلام آباد جا واشنگٽن سان لاڳاپا ڪنهن قسم جي امداد جي ڪري ناهن پر  اسان جي قومي مفادن ۽ اصولن تي ٻڌل آهن.

هن وڌيڪ چيو ته عالمي دهشتگردي خلاف اسان سڀ کان وڌيڪ سهڪار ۽ قربانيون ڏنيون آهن ۽ سڄي دنيا جي مقابلي ۾ سڀ کان وڏو دهشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ آپريشن ڪيو.

هن چيو ته آمريڪا قدر نه ڪندو ته پاڪستان سهڪار تي نظرثاني ڪري سگهي ٿو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*