ٺارو شاهه ۾ پرائمري اسڪول بنيادي سهولتن کان وانجيهل اسڪول جي بلڊنگ بوت بنگلي جو ڏيک ڏيڻ لڳي آهي

tharushahtharushah

ٺارو شاهه ۾ پرائمري اسڪول بنيادي سهولتن کان وانجيهل اسڪول جي بلڊنگ بوت بنگلي جو ڏيک ڏيڻ لڳي آهي.

وارڊ نمبر 8 ۾ پرائمري اسڪول حاجي علي نواز بڙدي بنيادي سهولتن کان محروم، اسڪول کي چوديواري نه هئڻ سبب نانگ ۽ بلائون روز جو معمول بڻيل آهي، ٻارڙن بلائن جي خوف کان اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي.

ان موقعي تي استادن پنهل خان بڙدي، اڪبر عباسي، فياض بڙدي ۽ ٻين چيو ته اسان چونڊيل نمائندن ۽ تعليم کاتي جي عملدارن کي شڪايتون ڪيون آهن، پر ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي.

هنن سنڌ حڪومت ۽ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته اسڪول کي بنيادي سهولتون ڏئي بلڊنگ ٺهرائي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*