اطلاعات کاتي جي وزير مملڪت مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان شاهه رخ بڻجڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي

mariyam oranzaib

اطلاعات کاتي جي وزير مملڪت مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان شاهه رخ بڻجڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي، پنهنجي ٽوئيٽ ۾هو جعلي خان لکڻ ڀلجي ويو.

 اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان ناڪام سياستدان آهي، عوام هن کي وزيراعظم نه بڻائيندو، هو هاڻي شاهه رخ بڻجڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي.

گذريل ڏينهن پي ٽي وي حملي سميت چئن ڪيسن ۾تحريڪ انصاف سربراهه جي ضمانت منظور ٿي هئي، جنهن تي عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شاهه رخ جي فلم ماءِ نيم از خان جو ڊائلاگ “ ماءِ نيم از خان اينڊ آءِ ايم ناٽ اي ٽيرارسٽ ” ورجايو هو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*