ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ سڌ سماءَ کاتي ۾ ڪرپشن واري ريفرنس ۾ جوابدار يوسف ڪابورو ۽ انعام اڪبر کي 9 جنوري تائين جيل حوالي ڪري ڇڏيو آهي

atc

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ سڌ سماءَ کاتي ۾ ڪرپشن واري ريفرنس ۾ جوابدار يوسف ڪابورو ۽ انعام اڪبر کي 9 جنوري تائين جيل حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ سڌ سماءَ کاتي ۾ ڪرپشن ريفرنس ۾ آفيسر يوسف ڪابورو ۽ اشتهار ڪمپني جي مالڪ جوابدار انعام اڪبر  کي پيش ڪيو ويو.

جوابدار انعام اڪبر عدالت ۾ درخواست ڏني ته هو هاءِ بلڊ پريشر ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ءِ، جڏهن ته هو اعليٰ تعليم يافته پڻ آهي، جنهنڪري ميڊيڪل چيڪ اپ ۽  بي ڪلاس جو حڪم جاري ڪيو وڃي.

عدالت ٻنهي جوابدارن کي 9 جنوري تائين جيل حوالي ڪري ڇڏيو.

يوسف ڪابورو ۽ انعام اڪبر کي گذريل ڏينهن نيب پاران اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ ٻاهران گرفتار ڪيو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*