ميرپورماٿيلي ويجهو چاڪرمائينر کي جروار وٽ 20 فوٽ گهارو پوڻ جي نتيجي ۾ شهر جي مختلف محلن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو

Mirpurmathelo

ميرپورماٿيلي ويجهو چاڪرمائينر کي جروار وٽ 20 فوٽ گهارو پوڻ جي نتيجي ۾ شهر جي مختلف محلن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو، شهري پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ مصروف آهن.

چاڪرمائينر کي گهارو پوڻ جي نتيجي ۾ جروار شھر جي گبول محلي،ڪنڀار محلي، منڱڻھار محلي ۽ مينگهواڙ محلي ۾ پاڻي داخل ٿي ويو.

رهواسي پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ مصروف آهن، جڏهن ته متاثر ماڻهو گهرن مان سامان ٻاهر ڪڍي رهيا آهن.

متاثرن چيو ته ڪيترائي ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود آبپاشي کاتي جا ملازم گهارو بند ڪرڻ لاءِ نه پهتا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*