دفاع واري وزير خرم دستگير چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ سهڪار تقريبن ختم ٿي چڪو آهي، جماعت الدعوه خلاف تازين ڪارواين جو آمريڪا سان تعلق ناهي

khurram-dastgir-28117

دفاع واري وزير خرم دستگير چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ سهڪار تقريبن ختم ٿي چڪو آهي، جماعت الدعوه خلاف تازين ڪارواين جو آمريڪا سان تعلق ناهي.

 پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته سهڪار جي زبان ۾ ڳالهه ٿيڻ گهرجي، منفي ۽ ڌمڪي جي زبان استعمال ڪئي وئي، جنهن تي پاڪستان جي عوام، چونڊيل حڪومت ۽ فوج کي سخت ترين خدشا آهن.

 هن چيو ته پاڪستان جي اڌ فضائي حد آمريڪا لاءِ کليل آهي ۽ زميني رستا به ڏنا ويا آهن، انهن جي بغير افغانستان ۾ آمريڪي پهچ انتهائي مشڪل هوندي،ان لاءِ آمريڪا بجاءِ نو مور ۽ نوٽسز جي پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪري.

هن چيو ته آمريڪا کي کليل نموني  ٻڌايو آهي ته افغانستان ۾ ناڪامين جو پاڪستان تي الزام نه مڙهيو وڃي.

هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جون ڳجھيون پناهگاهون ناهن، جيڪڏهن دهشتگردن جي موجود هجڻ بابت آمريڪا وٽ ٺوس ۽ قابل عمل انٽيليجنس  ڄاڻ آهي ته ٻڌايو وڃي، پاڪستان ڪاروائي ڪندو.

هن وڌيڪ چيو ته جماعت الدعوه خلاف سوچي سمجهي ڪاروايون ڪيون  پيون وڃن جيئن پاڪستان جو مستقبل محفوظ ٿي سگهي ۽ اڳتي دهشتگرد ڪنهن اسڪول ۾ ٻارن کي گوليون نه هڻي سگهن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*