پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ ناڪامين جو الزام پاڪستان تي هڻندو آهي

Imran-Khan-Tweet-21117

         پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ ناڪامين جو الزام پاڪستان تي هڻندو آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 100 ارب ڊالرز کان وڌيڪ پاڪستان جو معاشي نقصان ٿيو ۽ 70 هزار پاڪستانين جان جو نذرانو ڏنو.

         پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اسان جو نائين اليون سان ڪجهه نه وڃي، پوءِ به نقصان برداشت ڪيو، اسان دهشتگردي خلاف امريڪي جنگ جو حصو بڻجڻ جي مخالفت ڪئي.

          عمران خان چيو ته ٽرمپ پاڪستاني قوم جي تذليل ۽ ڊو  مور جو نه ختم ٿيندڙ مطالبو ڪري رهيو آهي.

          هن وڌيڪ چيو ته تمام صورتحال کان پوءِ ڳالهه اها ئي آهي جيڪا هو چوندو رهيو آهي.

            هن چيو ته هاڻي حڪومت به اهي ڳالهيون ڪري رهي آهي، جيڪي هو چوندو رهيو آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*