گذريل رات ڪراچي جي بلديه واري علائقي ۾ رينجرز ۽ سي ٽي ڊي جي گڏيل آپريشن ۾ مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ ڪالعدم تنظيم تحريڪ طالبان جي دهشتگرد عبدالڪريم سواتي عرف مفتي، محمد احمد عرف مولوي عبدالله ۽ محمد يوسف عرف شهزاده طور ڪئي وئي آهي

Karachi-Rangers-Urdu-Bazar-25417

گذريل رات ڪراچي جي بلديه واري علائقي ۾ رينجرز ۽ سي ٽي ڊي جي گڏيل آپريشن ۾ مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ ڪالعدم تنظيم تحريڪ طالبان جي دهشتگرد عبدالڪريم سواتي عرف مفتي، محمد احمد عرف مولوي عبدالله ۽ محمد يوسف عرف شهزاده طور ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سي ٽي ڊي سهراب ڳوٺ ۾ ڪارروائي ڪري ڀتو وصول ڪري وزيرستان منتقل ڪندڙ هڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

رينجرز پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب گذريل رات بلديه واري علائقي ۾ ڪيل آپريشن ۾ مارجي ويل ٽنهي دهشتگردن جو تعلق تحريڪ طالبان پاڪستان جي استاد اسلم گروپ سان هو، جيڪي انتهائي سنگين ڏوهن ۾ گهربل هئا.

رينجرز ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ عبدالڪريم سواتي عرف مفتي، محمد احمد عرف مولوي عبدالله ۽ محمد يوسف عرف شهزاده عرف نعمان برمي طور ٿي آهي.

سي ٽي ڊي ايس ايس پي منير شيخ ٻڌايو ته سهراب ڳوٺ ۾ ڪارروائي ڪري ڪالعدم تنظيم لاءِ ڪم ڪندڙ جوابدار گرفتار اسماعيل کي گرفتار ڪيو ويو.

منير شيخ چيو ته جوابدار، مختلف علائقن مان ڀتو وصول ڪري دهشتگرد خالد خراساني کي وزيرستان رقم موڪليندو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*