ڪراچي ۾ غيرت جي نالي تي ڌيءُ کي قتل ڪندڙ جوابدار پيءُ کي ٽن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي

karachi

ڪراچي ۾ غيرت جي نالي تي ڌيءُ کي قتل ڪندڙ جوابدار پيءُ کي ٽن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ناري جي قبر کوٽڻ بابت ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

ڪراچي جي جڊيشل مئجسٽريٽ اتر وٽ پسند جي شادي ڪرڻ تان ڌيءُ کي قتل ڪندڙ جوابدار پيءُ کي پيش ڪيو ويو.

جاچ آفيسر پاران آگاهي ڏني وئي ته جوابدار کان ڌيءُ کي قتل ڪرڻ بابت بيان ورتو ويو آهي، جڏهن ته ناري جو مبينا مڙس سلطان فرار آهي، قبر ڪشائي لاءِ بورڊ جوڙيو وڃي.

عدالت جاچ آفيسر جي درخواست منظور ڪندي پوليس سرجن کي قبر کوٽڻ لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*