سنڌ هاءِ ڪورٽ، ميرپورخاص شگر مل خلاف ڪارروائي روڪڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي

Sindh-High-Court-11117

سنڌ هاءِ ڪورٽ، ميرپورخاص شگر مل خلاف ڪارروائي روڪڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، عدالت فيصلي ۾ رمارڪس ڏنا آهن ته شگرملون بند ڪرڻ ظاهري طور تي عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميرپورخاص شگر مل جي مالڪن جي ڊپٽي ڪمشنر جي ڪارروائي واري هدايت خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

عدالت شگر مل مالڪن جي ڪارروائي خلاف منع نامو جاري ڪرڻ واري درخواست رد ڪندي رمارڪس ڏنا ته ملون بند ڪرڻ ظاهري طور تي عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي آهي، جيڪڏهن ملون بند ٿينديون ته پوءِ ڪمند 172 رپين ۾ ڪير خريد ڪندو.

عدالت ميرپورخاص شگر مل جي مالڪن کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان ملون بند ڪري عدالت جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪرڻ بدران سپريم ڪورٽ سان رابطو ڇو نه ڪيو، عدالت 172 رپين ۾ ڪمند خريدڻ جو حڪم ڏنو آهي، اسان ان تي عمل نٿا روڪي سگهون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*