جيڪب آباد ويجهو ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ استاد عبدالغفار لاشاري فوت ٿي ويو ۽ ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا

  jacobabad accident

     جيڪب آباد ويجهو ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ استاد عبدالغفار لاشاري فوت ٿي ويو ۽ ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ڳوٺ ڪريم بخش کوسو ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ استاد عبدالغفار لاشاري فوت ٿي ويو.

حادثي ۾ مسمات رحمت خاتون، مسمات خانزادي ۽ امام الدين لاشاري زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال جيڪب آباد منتقل ڪيو ويو.

پوليس فوتي استاد عبدالغفار لاشاري جو لاش اسپتال مان ضروري قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*