اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته پردي پويان ڪاروايون نه رڪيون ته سمورا ثبوت ۽ شاهديون عوام جي سامهون رکي ڇڏيندس

nawaz shareef

 اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته پردي پويان ڪاروايون نه رڪيون ته سمورا ثبوت ۽ شاهديون عوام جي سامهون رکي ڇڏيندس، پنجاب هائوس اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آمريڪي صدر ٽرمپ جي ٽوئٽ کي هن غير سنجيده قرار ڏنو ۽ چيو ته رياست جي سربراهه کي ٻي رياست سان مخاطب ٿيندي بين الاقوامي آداب ۽ سفارتي اخلاق جو خيال رکڻ گهرجي.

هن چيو ته 17 ورهين کان اسان ٻين جي جنگ ۾ الجهيل رهيا آهيون، نائن اليون کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ پاڪستان جو نقصان ٿيو آهي، پاڪستان دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، رهيل دهشتگردن کي به منطقي انجام تائين پهچائنداسين، ڪوليشن سپورٽ فنڊ کي امداد يا خيرات جو نالو نه ڏنو وڃي.

هن چيو ته هي ڪنهن آمر جي حڪومت ناهي جو هڪ فون تي ڍير ٿي وڃي، هي عوامي حڪومت آهي، ڌمڪين جي پرواهه نه ڪندي آهي.

 هن  چيو ته 2001 ع ۾ آمريت بدران هتي جمهوريت هجي ها ته اها پنهنجَي خدمتن کي ڪڏهن نه وڪڻي ها، نه ئي پنهنجي خودي جو سودو ڪري ها.

 هن چيو ته مان 3 ڀيرا ملڪ جو وزيراعظم رهيو آهيان، ڪيتريون ئي حقيقتون منهنجي سامهون آهن.

هن چيو ته عوام ڄاڻي ٿو ته چونڊن جي حوالي سان ملڪي تاريخ گهڻي سٺي نه رهي آهي، شهيد لياقت علي خان کان وٺي اڄ تائين ڪو به وزيراعظم پنهنجو مدو پورو نه ڪري سگهيو آهي.

هن چيو ته اڄ ٻيهر ماضي جيان ناڪارا اصول تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي ته عوامي راءِ جو رخ موڙي ڇڏيو، انجنيئرنگ ذريعي ڪنهن جماعت جو رستو روڪيو وڃي ۽ ڪنهن لاڏلي جو رستو هموار ڪيو وڃي.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اڄ واضح ۽ صاف لفظن ۾ چوڻ چاهيان ٿو ته ملڪ جي تقدير منصفاڻين، غير جانبدار ۽ شفاف چونڊن سان جڙيل آهي، سڀني جماعتن کي آزادي سان چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ هڪ جهڙا موقعا فراهم هجڻ گهرجن.

هن وڌيڪ چيو ته نااهلين، ٽيليفون ڪالز، ڳجهن رابطن ۽ غير قانوني فيصلن ذريعي ڪنهن جا هٿ پير نه ٻڌا وڃن، ڪنهن لاڏلي لاءِ نئين ڊيل ۽ ڍر جو انتظام نه ڪيو وڃي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*