ناڻي واري ممڪلتي وزير راڻا افضل چيو آهي ته آمريڪا کي هر سطح تي جواب ڏنو پيو وڃي، کين هر اعتراض تي مطمئن ڪنداسين

rana afzal

ناڻي واري ممڪلتي وزير راڻا افضل چيو آهي ته آمريڪا کي هر سطح تي جواب ڏنو پيو وڃي، کين هر اعتراض تي مطمئن ڪنداسين.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي راڻا افضل چيو ته افغانستان ۾ مداخلت روڪڻ لاءِ سرحد تي ڪنڊيدار تار لڳائي پئي وڃي.

هن چيو ته ناڻي جي مٽاسٽا جي ذخيرن کي مستحڪم سطح تي رکيو ويو آهي، هن وقت ناڻي جي مٽا سٽا جي ذخيرن جو تعداد 19ڏهائي 7 ارب ڊالر آهي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان جو پرڏيهي قرضن جي ادائيگي جو شيڊول معمول موجب آهي، آءِ ايم ايف وٽ ٻيهر وڃڻ جي ضرورت نه پوندي.

هن چيو ته غير ضروري شين جي درآمد گهٽ ڪرڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، مالي سال جي پهرين 5 مهينن ۾ برآمد ۾ 17 سيڪڙو اضافو ٿيو، کين اميد آهي ته هلندڙ سال ڪڻڪ جو بهترين فصل ٿيندو.

راڻا افضل وڌيڪ چيو ته  صنعتي شعبو به ترقي ڪري رهيو آهي، ايندڙ مالي سال دوران خساري ۾ گهٽتائي ايندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*