ڀارتي“را” ايجنٽ ڪلڀوشن ياديو چيو آهي ته ملاقات دوران منهنجي امڙ ۽ گهرواري ڊنل هيون، کين مارڪٽ ڪري آندو ويو هو

kalboshan yadaf

ڀارتي“را” ايجنٽ ڪلڀوشن ياديو چيو آهي ته ملاقات دوران منهنجي امڙ ۽ گهرواري ڊنل هيون، کين مارڪٽ ڪري آندو ويو هو.

پاڪستان ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو سان سندس خاندان جي ملاقات کانپوءِ سندس نئون بيان جاري ڪيو آهي.

پاڪستان انساني همدرديءَ جي بنياد تي موت جي سزا مليل ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي گهر وارن سان 25 ڊسمبر تي پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪرائي.

پرڏيهي آفيس ڪلڀوشن ياديو جي گهروارن سان ملاقات کانپوءِ سندس نئون وڊيو بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ هن ملاقات ڪرائڻ تي پاڪستان جو ٿورو مڃيو آهي.

ويڊيو بيان ۾ ڪلڀوشن ياديو چيو ته ملاقات دوران محسوس ٿيو ته امڙ ۽ گهرواري ڊنل هيون، ڀارتي اهلڪار ملاقات دوران امڙ کي ڌمڪيون ڏئي رهيو هو ۽ هوءَ ڊنل هئي.

هن چيو ته ايئن لڳي رهي هيو ته منهنجي امڙ کي جهاز ۾ مارڪٽ ڪري آندو ويو هو، ڀارتي سفارتڪار ملاقات کانپوءِ منهنجي امڙ کي دڙڪا ڇو ڏئي رهيو هو.

سندس چوڻ هو ته مان ڀارتي عوام کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته مان ڀارتي نيوي جو ڪميشنڊ آفيسر آهيان، منهنجي انٽيليجنس ايجنسي لاءِ ڪم ڪرڻ کي ڇو رد ڪيو پيو وڃي.

ڪلڀوشن ياديو چيو ته مان پنهنجي امڙ ۽ گهر واريءَ جي اکين ۾ خوف ڏٺو جيڪي ڊنل نظر اچي رهيون هيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*