بچاءَ واري وزير خرم دستگير چيو آهي ته آمريڪا جي ڪنهن به اهڙي غيرمعمولي حرڪت کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون جنهن سان اسان کي نقصان جو انديشو هجي

khurram dastagir

بچاءَ واري وزير خرم دستگير چيو آهي ته آمريڪا جي ڪنهن به اهڙي غيرمعمولي حرڪت کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون جنهن سان اسان کي نقصان جو انديشو هجي.

پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خرم دستگير چيو ته ريڪس ٽلرسن ۽ جيمز ميٽس پاڪستان جي دوري دوران سفارتي آدابن تحت ڳالهايو ۽ ڌمڪي يا توهين جو عنصر نه هو پر ٽرمپ ۽ مائيڪ پينس جي لهجي ۾ ڌمڪي جو عنصر نظر اچي ٿو.

هن چيو ته اسان کي آمريڪا جي معاملي تي سموري صورتحال جو تجزيو ڪرڻو آهي، ٿڌي دل سان حڪمت عملي تيار ڪري رهيا آهيون جڏهن ته پارليامينٽ ۾ به ڳالهايو ويو آهي.

خرم دستگير وڌيڪ چوڻ هو ته اسان کي پاڪستان جي حفاظت بابت ڪنهن به قسم جو خوف ناهي، ملڪي دفاع مضبوط آهي،  سوال اهو آهي ته آمريڪا واقعي ڪا اهڙي قسم جي حرڪت نه ڪري جنهن سان اسان کي نقصان جو انديشو هجي تنهن ڪري اسان مڪمل طور تيار آهيون…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*