وارھه ويجهو مرکنڊ برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ نينگر سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

warah 2 murdur

وارھه ويجهو مرکنڊ برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ نينگر سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ڳوٺ غازي خان مرکنڊ ۾  ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ گدا حسين مرکنڊ ۽ نادر حسين مرکنڊ مارجي ويا.

گوليون لڳڻ سبب نوجوان جميل مرکنڊ ۽ 6 سالن جو نينگر سمير مرکنڊ سخت زخمي ٿي پيا، جن کي وارهه جي تعلقي اسپتال پهچايو منتقل ڪيو ويو، جتان کين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال نيو ويو آهي.

پوليس ٻنهي نوجوانن جا لاش تعلقي اسپتال وارهه مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا آهن.

واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي، جڏهن ته ڪيس داخل ٿي نه سگهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*