پرڏيهي وزير خواجه آصف چيو آهي ته آمريڪي صدر جي بيان تي سياسي ۽ فوجي قيادت هڪ پيج تي آهن، 33 ارب ڊالر امداد جي آمريڪي دعويٰ بي بنياد آهي

Khuwaja-Asif-141217

پرڏيهي وزير خواجه آصف چيو آهي ته آمريڪي صدر جي بيان تي سياسي ۽ فوجي قيادت هڪ پيج تي آهن، 33 ارب ڊالر امداد جي آمريڪي دعويٰ بي بنياد آهي.

قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي خواجه آصف چيو ته آمريڪي انتظاميه پاڪستان بابت حقيقتن کي نظرانداز ڪيو.

هن چيو ته آمريڪا  افغانستان ۾ پنهنجي ناڪامي جو بار پاڪستان تي نه وجهي، اسان جي فوج، سڪيورٽي فورسز ۽ عوامي قربانين جو داستان آهي، اسان پنهنجي وقار تي ڪابه سوديبازي نه ڪنداسين.

سندس چوڻ هو ته 33 ارب رپين جي آمريڪي امداد جي دعويٰ بي بنياد آهي، چئن ڏهاڪن جو گند صاف ڪري رهيا آهيون، ٽرمپ اصل ۾ ڀارتي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي.

هن چيو ته  آمريڪي صدر جي بيان تي سياسي ۽ فوجي قيادت هڪ پيج تي آهن، جڏهن ته افغانستان جي جنگ پاڪستان ۾ ڪنهن به صورت ۾ نه ٿي وڙهي سگهجي.

پرڏيهي وزير خواجه آصف چيو ته اسان معاملا ڳالهين سان حل ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، هر معاملي تي ملڪي مفاد، وقار ۽ سلامتي موجب فيصلو ڪيو ويندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*